سيد حيدر شاهه اجناڻي

سيد حـيـدر شاهه اجناڻي: سيد حيدر شاهه اجناڻيءَ جي ولادت 15 ڊسمبر 1917ع تي ٿي. سندس والد بزرگوار سيد مٺن شاهه نهايت نيڪ، عابد ۽ باشرع بزرگ هو ۽ پنهنجي حلقهء احباب ۾ امين مشهور هو. سندس شفقت پدريءَ مان گھڻو ڪجهه پرايائين. سندس شجره نسب، حضرت امام موسيٰ ڪاظم کان ٿيندو حضرت علي عليه والسلام سان ملي ٿو. علم و ادب سان چاهه کيس خانداني ورثي ۾ مليو. 15 سالن جي عمر ۾ ’رشيده‘ عنوان سان افسانو لکيائين. هڪ ڪتاب ’زميندار‘ به لکيائين ۽ ’عظيم ترين افڪار‘ نالي ڪتاب ترتيب ڏنائين. سب جج جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين ۽ سيشن جج جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. نهايت جوش ۽ خوش اخلاق ۽ شيرين گفتار شخص ۽ سٺو شاعر هو. سندس شاعريءَ جو مجموعو، طالب الموليٰ اڪيڊميءَ شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو